اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خان ڪينڊي ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب به ڪندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز ۽ معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم علائقائي واپار جي فروغ، علائقائي رابطن جي مضبوطي، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ خطي ۾ پائيدار ترقي کي حاصل ڪرڻ جي قدمن تي زور ڏيندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقات پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شريڪ آهن.