اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو 17هون سربراهي اجلاس 3 ۽ 4 جولاءِ تي جمهوريه آذربائيجان جي شهر خان ڪينڊي ۾ ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ۽ موسمياتي ريزيليئنٽ مستقبل جي لاءِ نئون اي سي او ويزن) آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران اهم علائقائي ۽ عالمي چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ اي سي او ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. هو علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، رابطن، توانائي جي تعاون ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ ڀرپور وڪالت ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي ٻين اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.