اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ڪابينا ڊويزن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ نمايان خدمتون ادا ڪندڙ ماهرن جي نالن تي قومي سطح جي ايوارڊز ۽ صدارتي تمغن لاءِ غور ڪيو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري ساجد بلوچ سميت وزارت جي ٻئي اعليٰ عملي ۽ ماهرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته حڪومت ميرٽ، شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي، هن چيو ته سائنسي ۽ تحقيقي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ ماهرن کي قومي اعزاز ڏيڻ لاءِ غور هيٺ آڻڻ نه رڳو سندن خدمتن جو اعتراف آهي پر نوجوان نسل لاءِ به هڪ هاڪاري مثال آهي. اجلاس دوران مختلف اميدوارن جي خدمتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ انهن تي غور کانپوءِ سفارشون جوڙيون ويون. شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته اهي سفارشون ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪليون وينديون. اي