اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافن پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي ميڊيا تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ قزاخستان جي سرڪاري ميڊيا جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي کي نئين دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ”اي پي پي“ جي هيڊڪوارٽرز جي دوري ۽ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ملاقات دوران قزاخستان جي سفير چيو ته قزاخستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ميڊيا جي سطح تي تعاون لازمي آهي، اي پي پي ۽ قزاخستان جي سرڪاري ميڊيا جي وچ ۾ خبرن جي گڏيل مٽاسٽا جو معاهدو گذريل هڪ ڏهاڪي کان قائم آهي جنهن کي هاڻي موجوده حالتن موجب اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سفير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي جنهن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري ميڊيا ادارن کي اقتصادي، واپاري ۽ سياحتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سفير چيو ته پاڪستان جي سرڪاري ميڊيا خاص طور تي ”اي پي پي“ کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين. هن چيو ته پاڪستان ۽ قزاخستان جو علائقائي اقتصادي رابطن ۾ ڪردار تمام اهم آهي جنهن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري ۽ نجي شعبن کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قزاخستان جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهن جيڪي عالمي واپار ۾ پڻ نمايان حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جي جاگرافيائي حيثيت کي جيو اڪنامڪ فائدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده دور ۾ اقتصادي سفارتڪاري انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ علائقائي اقتصادي رابطن جي لاءِ ريل ۽ روڊ رابطا ۽ سڌوسنئون اڏامون ضروري آهن جن تي ٻئي ملڪ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. يرزان ڪستافن چيو ته پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون جلد شروع ٿينديون جنهن جي لاءِ لاهور ۽ ڪراچي جي چونڊ ڪئي وئي اهي. ان موقعي تي هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ ويزا فري نظام جي شروعات وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن سان نه رڳو اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ملندو پر ٻنهي ملڪن ۾ سياحت کي پڻ سگهه ملندي. هن چيو ته پاڪستان، قزاخستان، ترڪمانستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ريلوي لائين جلد شروع ٿيڻ واري آهي جنهن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ ٽرانزٽ واپار ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن تي ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن کي اڳتي اچڻ گهرجي. ملاقات دوران ”اي پي پي“ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي جنهن جي لاءِ ”اي پي پي“ گڏيل تعاون ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته اي پي پي ۽ قزاخستان جي سرڪاري ميڊيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون لازمي آهي ۽ ان جي لاءِ مستقبل ۾ معاهدن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ سرڪاري ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي.