اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي بين الحڪومتي سامونڊي سائنسي ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي 2027 – 2025ع جي مدي لاءِ ٻيهر چونڊجي ويو. پرڏيهي آفيس موجب اها چونڊ آءِ او سي جي جنرل اسيمبلي جي 33هين اجلاس دوران ٿي جيڪو 25 جون کان 2 جولاءِ تائين پيرس ۾ يونيسڪو جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي رهيو آهي. يونيسڪو ۾ پاڪستان جي سفير ۽ مستقل نمائندي ممتاز زهره بلوچ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. يونيسڪو جو بين الحڪومتي اوشيانو گرافڪ ڪميشن سمنڊ ۽ سامونڊي وسيلن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ميرين سائنسز ۾ عالمي تعاون کي فروغ ڏي ٿي. اها پائيدار سامونڊي معيشتن جي لاءِ سائنسي طور تي قائم ڪيل خدمتن ۽ موثر انتباهي نظام ۽ سونامين سميت سمنڊ بابت ٻين خطرن جي لاءِ تياري به ڪري ٿي. ڪميشن گڏيل قومن جي اوقيانوس سائنس بابت پائيدار ترقي بابت ڏهاڪي 2030 – 2021 (ساموڊي ڏهاڪي) کي ٺوس ڪرڻ جي پڻ نگران آهي. او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ٻيهر چونڊ يونيسڪو ۾ سمنڊ بابت سائنسي سرگرمين ۾ پاڪستان جي مثبت حصيداري جو واضح ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس هر سال ٿئي ٿو جنهن ۾ جنرل اسيمبلي جي لاءِ جاري ڪم جي منصوبن جي مسئلن ۽ آئٽمز جو جائزو ورتو وڃي ٿو.