اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، باجوڙ ۾ ڦاٽڪ ميله ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن ان افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ ناوگئي جي اسسٽنٽ ڪمشنر، تعلقه آفيسر ۽ ٻين قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته معصوم ۽ بي گناهه شهرين، سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو، شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو فعل آهي. هن چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا قوم جو حوصلو ختم نٿا ڪري سگهن ۽ ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي بزدلاڻي حملي جي ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته سڄي قوم، پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سول انتظاميه دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ متحد ۽ پرعزم آهي. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر جي به دعا ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.