اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات، ڏکڻ/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر بلوچستان ۽ استور ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 48، دالبندين ۾ 47، دادو، سبي ۽ چلاس ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.