اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پاور ڊويزن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.