اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي اهڙي قسم جي واقعن جي تدارڪ ۽ روڪٿام جي لاءِ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر وزيراعظم کي سوات درياءَ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهڙي قسم جي واقعن جي تدارڪ ۽ روڪٿام جي لاءِ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پاور وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.