تيانجن-02 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ريل، روڊ ۽ فضائي رستن ذريعي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ چين، افغانستان ۽ ايران رستي واپاري راهدارين ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. چين ۾ جاري شنگهائي تعاون تنظيم جي وزيرن واري سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان شاهراهن جي تعمير ۾ سنگ ميل پار ڪيو آهي، هاڻ افغانستان ۽ ايران جي سرحدن کان اڳيان واپار ڦهلائڻ چاهيون ٿا جڏهن ته گوادر ۽ ڪراچي جا بندرگاهه عالمي معيار موجب ڪارگو لاءِ فعال آهن ۽ پاڪستان جي واپاري ترقيءَ ۾ خنجراب جي شمالي بارڊر، گوادر ۽ ڪراچي جي سامونڊي پٽي شامل آهي. اهڙيءَ طرح ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ريلوي جو منصوبو خطي ۾ ترقيءَ جو اهم باب هوندو. چين جي شهر تيانجن ۾ جاري ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي منسٽريل ڪانفرنس ۾ 10 ملڪ شريڪ آهن، جن مان ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر فراريت اختيار ڪندي شرڪت نه ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارت جو آنند پرڪاش غير حاضر رهيو ۽ ان جي سيٽ خالي رهي جنهن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عالمي فورم تي ان طرح جي غير ذميداراڻو رويو افسوس جوڳو آهي، واضح ٿي ويو ته ڀارت ٻين ملڪن سامهون اچڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه برابريءَ جي بنياد تي گڏيل ناتن جو خواهشمند آهي، ايٽمي طاقت هجڻ جي ناتي گڏيل بقا جي سوچ تي قائم رهڻو پوندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻين شرڪت ڪندڙن به ڀارت جي رويي تي حيرت ۽ مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان جو خنجراب سوست روڊ کي سڄو سال کولي رکڻ جو فيصلو اهميت وارو آهي، چين جي سهڪار سان سلڪ روڊ اسٽيشنن جي گڏيل تعمير جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ٽرانسپورٽ سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته سمارٽ ٽرانسپورٽ سسٽمز طرف به تيزيءَ سان گامزن آهي. عبدالعليم خان ٻُڌايو ته پاڪستان 126 ملڪن لاءِ ويزا آن ارائيول جي پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن تحت هاڻ تائين 20 هزار کان وڌيڪ ويزائون جاري ٿي چڪيون آهن. هن ايس سي او ڪانفرنس جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان فورم جي فيصلن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته خطي جي ترقيءَ جو رستو گڏيل اعتماد، تعاون ۽ جديد نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي، ايس سي او ملڪن سان مربوط ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي جوڙجڪ تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان 2017ع کان ايس سي او جو مستقل ميمبر هجڻ جي ناتي مواصلات جي بهتري لاءِ پُرعزم آهي.