اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، باجوڙ جي تعلقي خار جي صادق آباد ڦاٽڪ وٽ سرڪاري گاڏي ويجهو ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون عوام جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد ناواگئي جي اسسٽنٽ ڪمشنر فيصل سلطان، تحصيلدار عبدالوڪيل، ڪانسٽيبل رشيد ۽ نور حڪيم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو، شهيدن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. محسن نقوي چيو ته دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد آهي، فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائيون عوام جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن.