اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ذريعي باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ هلندڙ مهيني ورهايا ويندا، نوجوانن سميت سمورين ڌُرين جي تفصيلي صلاح مشوري سان جامع يوٿ اينڊ ايڊولسنٽ پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويندو. 10 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ 5 لک نوجوانن ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽريشن ڪرائي آهي، ڪوئيٽه ۾ ڪرڪيٽ ٽيلنٽ هنٽ تحت ٽرائلز ۾ سڄي بلوچستان مان 10 هزار کان وڌيڪ نوجوانن حصو ورتو. اهڙو اظهار هن”اي پي پي“ کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي، نوجوان اسان جو سرمايو آهي ۽ انهن تي سيڙپڪاري اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپ جولاءِ جي آخر ۾ ورهايا ويندا، ان لاءِ فهرست کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نيشنل يوٿ اينڊ ايڊولسنٽ پاليسي جي تياري حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ ان جو اعلان جلد ڪيو ويندو، ان پاليسيءَ جو مقصد پاڪستان جي نوجوان آباديءَ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. فور اِيز جي بڻايل پاليسي ذريعي تعليم، روزگار، ماحوليات ۽ مشغوليت تي عمل ڪندي نوجوانن کي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪري کين بااختيار بنائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته نوجوانن کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت هنرمند بڻائي پرڏيهه اُماڻيو ويندو جنهن سان ملڪ ۾ پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۾ واڌ ٿيندي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت پرڏيهه ملڪ ويندڙ خواهشمند نوجوانن کي 10 لک رپين تائين آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو. ليپ ٽاپ فار آل اسڪيم تحت هر ماڻهوءَ کي بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي ليپ ٽاپ ملندو. ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس اسڪيم تحت باصلاحيت رانديگرن کي ميرٽ ۽ شفافيت ذريعي چونڊيو ويو آهي، ان لاءِ مختلف شهرن ۾ اڪيڊميون قائم ڪيون پيون وڃن جن ۾ انهن کي خاص تربيت ڏني ويندي ۽ پرڏيهه اُماڻيو ويندو. هن چيو ته ميرٽ تي نيشنل يوٿ ڪائونسل جي 110 ميمبرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، اها ڪائونسل وزيراعظم جي ايڊوائيزري بورڊ طور ڪم ڪندي. هن چيو ته نوجوانن کي سندن اسٽارٽ اپس لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرض ڏنو پيو وڃي، نوجوانن کي جديد آئيڊياز تي انوويشن ايوارڊز ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پچ پاڪستان پروگرام جي شروعات ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ باصلاحيت نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو ملندو، وزيراعظم يوٿ پروگرام جديد آئيڊياز پيش ڪندڙ نوجوانن کي جديد انڪيوبيشن سينٽرز ۽ فنڊز فراهم ڪندو.