اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ جو 81هون اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 14هين جي سي سي اجلاس جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل ورڪنگ گروپس پنهنجون ميٽنگز جلد کان جلد مڪمل ڪن، سموريون وزارتون ايندڙ هفتي تائين پنهنجي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏين. سي پيڪ فيز 2 جو هدف پاڪستان کي علائقائي واپار، جديد ٽيڪنالاجي ۽ رابطن جو مرڪز بنائڻ آهي، بين الوزارتي هم آهنگي ۽ چين سان گڏ اثرائتي مشاورت کي حڪومتي ترجيح قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو پاڪستان لاءِ ترقي، صنعتي تعاون، جديد زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جهڙن اهم شعبن ۾ نوان موقعا فراهم ڪندو جيڪo معيشت جي مضبوطي، روزگار ۾ واڌ ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻبو.