اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال قومي ڳڻپ واري اداري (پي بي ايس) جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي هن آدمشماري 2023ع جي ڊيٽا، ان جي عوامي مشهوري ۽ ”اُڏار پاڪستان ڊيٽا سينٽر“ جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو. وفاقي وزير چيو ته 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري هڪ تاريخي ڪاميابي آهي جنهن کي سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ منظوري حاصل ٿي. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته آدمشماري تي عوامي اعتماد بحال ٿيو آهي، جڏهن ته ان جي نتيجن ڪيترن ئي اهم چئلينجز کي اجاگر ڪيو آهي. احسن اقبال خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ آباديءَ جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، اسان انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪا آهيون جتي ساليانو آبادي 2.5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن ان حوالي سان سمورن صوبن تي زور ڀريو ته هو هنگامي بنيادن تي قدم کڻن ته جيئن آباديءَ تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته درست فيصلن جو واحد حل ڊيٽا تي ٻَڌل طرزِ حڪمراني آهي، اسان کي آدمشماري جي ڊيٽا کي وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي نتيجو ڏيندڙ انداز ۾ استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن اثرائتي پاليسي سازي ممڪن ٿئي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته آدمشماري موجب پاڪستان ۾ 2.5 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ اهو مسئلو تعليم جي ميدان ۾ اسان جي ناڪافي اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته 90 سيڪڙو خواندگي جي شرح بنا ڪو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته اسان جي خواندگي جي شرح صرف 60 سيڪڙو آهي. هن چيو ته ”اُڏام پاڪستان ڊيٽا سينٽر“ جديد، شفاف حڪمراني جو بنياد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اهو ضروري اهي ته پي بي ايس دستياب ڊيٽا کي مفيد ۽ ڪارآمد پروڊڪٽس ۾ تبديل ڪري. هن اداري کي هدايت ڪئي ته ڊيٽا جي تياري ۾ چيمبرز آف ڪامرس، نجي شعبي، ريسرچرز ۽ تعليمي ادارن جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته توانائي، روانگي واپار، فوڊ سيڪيورٽي ۽ انساني وسيلن جي مسئلن جي حل ۾ ڊيٽا ٻارڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وفاقي وير چيو ته اسان کي 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بنائڻو آهي ۽ اهو هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سائنسي، ڊجيٽل ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلن سان ممڪن آهي. وفاقي وزير پي بي ايس کي هدايت ڪئي ته آدمشماري جي ڊيٽا کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن سياسي نمائندگي ۾ به ترقياتي مقابلي کي هٿي وٺرائي سگهجي.