اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ 17هين اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو 17هون سربراهي اجلاس 3 ۽ 4 جولاءِ تي باڪو ۾ ٿيندو. محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ۽ موسمياتي ريزيليئنٽ مستقبل جي لاءِ نئون اي سي او ويزن“ آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران اهم علائقائي ۽ عالمي چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ اي سي او ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. هو علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ رابطن، توانائي جي تعاون ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ ڀرپور وڪالت ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي ٻين اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو ته جيئن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي.