اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سال 25 – 2024ع ۾ وفاقي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ 42 سيڪڙو اضافي تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ معاشي هدف هاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٻين سڌارن جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم 25 – 2024ع ۾ وفاقي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾42 سيڪڙو اضافي تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 25 – 2024ع ۾ سڌارن ۽ ٽيڪس قانونن جي لاڳو جي ذريعي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 865 ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙيون وصول ڪيون ويون جيڪو تاريخي اضافو آهي، مالي سال مالي سال 25 – 2024ع ۾ اوڳاڙين جي مجموعي پيداوار سان تناسب 11.3 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 1.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال ۾ اوڳاڙين جي وصولي ۽ ٻين معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ به انهي چُستي جو مظاهرو ڪيو وڃي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي اداراجاتي سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال ۾ اوڳاڙين جي وصولي ۽ ٻين معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا ادارا وڏي محنت سان ڪم ڪن. پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين جي وصولي ۽ معاشي هدفن جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن ايف بي آر جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اوڳاڙين جي وصولي ۽ پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ ايف بي آر عوام سان عزت ۽ تڪريم سان پيش اچي، ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ سمورا سرڪاري ادارا ايف بي آر سان مڪمل تعاون ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ٽريس ڊيجيٽل پروڊڪشن سسٽم کي شين جي پيداواري ۽ پهچ جي مرحلن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن سموري پيداوار کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي سگهجي، ٽيڪس باقيدارن ۽ سمورين صنعتن جي پيداواري عمل کي ڊيجيٽائيز ڪري ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. وزيراعظم ريٽيل جي شعبي ۾ ايف بي آر جي پوائنٽ آف سيل سسٽم جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وفاقي بجيٽ جي منظوري تي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر ۾ سڌارن جي حوالي سان قدمن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪاروباري برادري ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر سمورا دروازا کليل رکي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس ڊيجيٽل پروڊڪشن سسٽم کي هيستائين کنڊ، تماڪ ۽ فرٽيلائيزر ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ سيمنٽ ۽ ٻين صنعتن ۾ جلد مڪمل لاڳو ٿي ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارر، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.