اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کنڊ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز، فوڊ سيڪيورٽي اينڊ انڊسٽريز جي سيڪريٽرين کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شڊرڪت ڪئي. ان کان اڳ غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ٻنهي جي ذريعي 500000 ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. نائب وزيراعظم سستي اگهن تي ضروري شين جي مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو.