لاهور-01 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي کاتي ۽ اخوت اسلامڪ مائڪرو فنانس وچ ۾ قُلين کي بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جي يادداشت تي صحيح ڪيون ويون، قُلي 20 مهينن لاءِ 50 هزار رپين تائين بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي لاهور ريلوي اسٽيشن تي ريلوي کاتي ۽ اخوت اسلامڪ مائڪرو فنانس وچ ۾ قُلين کي 50 هزار رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جي يادداشت تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم ملڪ کي سنوارڻ جو ذِمو کنيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان ٻاهر ڪڍي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو ۽ دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جيڪو هو هميشه ياد رکندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هميشه ملڪ کي چئلينجز مان ٻاهر ڪڍيو، دشمن جي بزدلاڻڻ حملن جو اهڙو جواب ڏنو جيڪو هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو. حنيف عباسي چيو ته سيلون کي انسپيڪشن کان علاوه ريلوي جو ڪوبه آفيسر استعمال نه ڪندو پر اسان سيلون کي عام ماڻهوءَ کي ڪرايي تي ڏيڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته 19 جولاءِ تي وزيراعظم لاهور ريلوي اسٽيشن ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح به ڪندو. انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته هو مزدور کي پگهر سُڪڻ کان پهرين مزدوري ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته قُلين سان محبت اڄ جي نه آهي، اسان اسٽيشن تان گذري ئي اسڪول ويندا هئاسين، ان وقت کان اسان انهن کي سامان کڻندي ڏسون ٿا جيڪي هلال ڪمائين ٿا. اخوت مائڪرو فنانس جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب چيو ته ريلوي جي 150 قُلين لاءِ 40 لک رپين جي رقم رکي وئي آهي، جنهن مان 50 هزار في قُلي کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته قُلي جو هر ٻار يا ٻارڙي ايف اي ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪري ڪميپوٽر ڪورس ڪرڻ چاهيندو ته 3 کان 6 مهينن تائين جا مفت ڪورس ڪرائينداسين، معاهدي تحت بنا وياج قرض صرف انهن قُلين کي ئي ڏنو ويندو جيڪي ٻن سالن کان ريلوي کاتي ۾ رجسٽرڊ آهن ۽ قُلين کي ملندڙ قرض 20 قسطن تي ٻَڌل آهي جڏهن ته هڪ سيڪڙو مٿي جمع ڪرائڻ تي ريلوي کاتو قُلين کي ڊيٿ ڪور ڏيندو. ان موقعي تي امجد ثاقب اعلان ڪيو ته ريلوي پوليس جي گريڊ هڪ کان پنج تائين جي ملازمن کي به بنا وياج قرض ڏنو ويندو جنهن لاءِ اسان ڌار 40 لک رپيا رکيا آهن. هن چيو ته اسان 300 ارب رپيا 40 لک خاندانن کي بنا وياج جي صورت ۾ ڏنا آهن، اسان پاڪستان جي هر ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي ماڻهن کي قرض ڏينداسين.