اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي پي سي ايس آءِ آر ليبارٽريز ڪامپليڪس لاهور جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي ڊاڪٽر قرة العين سيد اداري جي 10 مرڪزي مرڪزن ۾ جاري تحقيق ۽ ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ڊسپلي هال جو دؤرو ڪيو، جتي دواسازي، خوراڪ، ڪيميڪل، بائيو ٽيڪنالاجي، ليبارٽري اوزارن ۽ توانائي بچائيندڙ گهريلو اوزارن سميت مختلف شعبن ۾ تيار ڪيل مقامي ٽيڪنالاجيز جي نمائش ڪئي وئي. بعد ۾ هن ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن سپورٽ سينٽر جو به دؤرو ڪيو، جتي کيس پيٽنٽ وال ذرعي پي سي ايس آءِ آر جي رجسٽرڊ ايجادن کان آگاهه ڪيو ۽ صنعت سان علم جي منتقلي جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. دؤري جو اهم پهلو پي سي ايس آءِ آر جي انڊسٽريل هيمپ سان تيار ڪيل شين جي حوالي سان وفاقي وزير جي تعريف هئي. انهن شين ۾ خوراڪ، ڪاسميٽڪس، دوائن ۽ ماحول دوست تعميراتي مواد شامل آهن جيڪي معيار، حفاظت ۽ پائيداريءَ جي اعليٰ اصولن تي پورو لهن ٿا. وفاقي وزير تحقيق تي ٻَڌل صنعتن جي سرڪاري سرپرستي ۽ انڊسٽريل هيمپ جي صنعت کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب اندسٽيل هيمپ تي ٻَڌل شين جي تياريءَ جا لائسنس جاري ٿيڻ سان قومي سطح تي خاطرخواه فائدا حاصل ٿيندا.