تيانجن-01 جولاءِ (اي پي پي) چين پاڪستان جي مواصلات واري شعبي ۾ ايم 6 ۽ ايم 9 موٽر ويز سميت مانسهره، ناران، جهال کنڊ شاهراهن جي تعمير ۽ شاهراهه قراقرم جي اپ گريڊيشن سميت گوادر پورٽ، ايئرپورٽ ۽ ٻين منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفي سهڪار لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته چين جي رستي افغانستان ۽ ايران ذريعي ٻين ملڪن سان واپاري راهدارين لاءِ گڏيل سهڪار تي به ڳالهيون ٿيون. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي 12هين اجلاس جي موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ چيني وزير ليووي وچ ۾ تيانجن پهچڻ تي غير رسمي ملاقات ۾ سي پيڪ جي اولهندي حصي، اِي ڪامرس ۽ ڀاشا ڊيم جي 2029ع تائين پڄاڻي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير چين جي سهڪار جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان مواصلات جي بهتري، واپاري راهدارين ۽ موٽر ويز کي ترجيح ڏئي رهيو آهي. هن چين جي وزير کي پاڪستان جي دؤري جي باضابطه دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان مواصلات جي ذريعن جي بهتري لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري ٿو ۽ مختلف شاهراهن جي تعمير لاءِ بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي سهڪار کي ترجيح ڏني ويندي. چين جي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ماهرن ۽ انجنيئرن لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن پاڪستان جي وزيراعظم جي آگسٽ 2025ع جي تجويز ڪيل چين جي دؤري سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خاص طور تي ايس سي او ڪانفرنس ۾ ٽرانسپورٽ وارن وزيرن جي شرڪت ۽ مستقبل ۾ گڏيل سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. واضح رهي ته پاڪستان کان علاوه ايس سي او اجلاس ۾ ڀارت، بيلاروس، ايران، قازقستان، ڪرغزستان، رشين فيڊريشن، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ چين شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته (اڄ) ميمبر ملڪن جي وزيرن جو باقاعده اجلاس ۽ پڌرائي جاري ڪئي ويندي.