اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران پراجيڪٽ پي اسڪيل فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اسٽيبلشمينٽ اينڊ پلاننگ جي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي خصوصي پي اسڪيل تحت هنرمند پيشيور ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده پاليسين جو جائزو ورتو ۽ ڪيترين ئي سڌاراجاتي تجويزن بشمول چٽاڀيٽي واري پگهار جي پئماني ۽ ڪارڪردگي تي ٻڌل مراعتن تي غور ڪيو. غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ هفتي ٻيهر ٿيندو.