اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) پاڪستان جي پهرين اليڪٽرانڪ ڊسپوزل ماڊيول جي پائليٽ فيز جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، اهو نظام ملڪ ۾ سرڪاري خريداري جي لاءِ اڳ کان لاڳو اي پاڪ ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم (اي پيڊز) تحت سرڪاري اثاثن جي وڪري جي نظام کي جديد بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي ان نظام کي اي پيڊز پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ (پي ايم يو) اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب دوران لانچ ڪيو. اي – ڊسپوزل سسٽم جو مقصد سرڪاري اثاثن جي وڪري جي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. نظام جو پائليٽ مرحلو پاڪستان ڪسٽمز ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سان گڏ شروع ڪيو ويو آهي، اهي ادارا پهرين جولاءِ 2025ع کان ان پليٽ فارم جو لازمي لاڳو شروع ڪندا جڏهن ته هلندڙ سال ڊسمبر تائين ان کي وفاقي حڪومت جي سمورن ادارن تائين توسيع ڏني ويندي. تقريب کانپوءِ اي – ڊسپوزل ماڊيول تي ماسٽر ٽرينرز جي لاءِ ٽن ڏينهن وارو تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان ڪسٽمز ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سان تعلق رکندڙ 26 آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي، اهي ٻئي ادارا پائليٽ فيز ۾ شامل شروعاتي ادارا آهن. ان موقعي تي پيپرا جي ايم ڊي حسنات احمد قريشي پي ايم يو ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي نظام مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ تعميري راءِ فراهم ڪن ته جيئن نظام کي حتمي لاڳو کان اڳ وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته وزيراعظم جي ويزن ڊيجيٽل پاڪستان تحت پيپرا ملڪ ۾ سرڪاري خريداري جي نظام کي ڪاميابي سان ڊيجيٽائيز ڪري ڇڏيو آهي. اي پيڊز هن وقت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي 8 هزار کان وڌيڪ خريداري ڪندڙ ادارن ۾ فعال آهي جڏهن ته ان سان واڳيل رجسٽرڊ سپلائرز جو انگ 32 هزار کان وڌي ويو آهي. هلندڙ مالي سال دوران ان نظام تحت 748 ارب رپين جي خريداري مڪمل ڪئي وئي جڏهن ته 2602 ارب رپين جا منصوبا عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهن. تقريب ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پي ايم يو شيخ افضال رضا ۽ سينيئر اسپيشلسٽ ٽريننگ ۽ ڪيپسٽي بلڊنگ عتيق سلطان راجا پڻ پنهنجي ٽيمن سان گڏ موجود هئا.