اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ گوادر پورٽ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گوادر بندرگاهه مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، گوادر کان نار وارن ملڪن لاءِ نئين فيري سروس جي شروعات ٿي وئي، گوادر پورٽ کان نئين شپنگ لائنز جلد فعال ٿيندي. وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر سان واپاري رابطا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته فيري سروس سان سامونڊي سفر آسان ۽ سستو هوندو، نار وارن ملڪن سان عوامي رابطا مضبوط ٿيندا، گوادر کان مال برداري ۾ نمايان اضافو متوقع آهي. فيري سروس سان بلوچستان ۾ روزگار ۽ سيڙپڪاري وڌندي. وفاقي وزير چيو ته نئين شپنگ لائنز سان بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽجندو، ميري ٽائم شعبي ۾ ترقي قومي معيشت کي هٿي ڏني آهي، نجي سيڙپڪاري جي حوصله افزائي لاءِ قدم جاري آهن، گوادر کي واپاري مرڪز بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.