اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وچ ۾ ملاقات ٿي گذري جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر آفيس پاران جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن صوبي ۾ گڊ گورننس جي فقدان، بدامني ۽ ڪرپشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي موجوده صوبائي حڪومت کي صوبي لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏنو. ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن جي فيصلي ۽ ان جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ۽ ڪيترن ئي رخن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪشمير جي صورتحال، ڪي پي ڪي جي ضم ضلعن جي صورتحال، ضم ٿيل ضلعن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان فراهم ڪيل فنڊز تي صوبائي حڪومت طرفان دانهون ڪرڻ جي مذمت ڪندي ڄاڻايل ضلعن جي رهواسين ۾ ان حوالي سان موجود خدشن جي خاتمي بابت به مشاورت ڪئي وئي.