اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، لڪي مروت جي ٿاڻي غزئي خيل جي حد ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن طرفان ٽريفڪ پوليس تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير، شهيد ٿيل 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد ٽريفڪ اهلڪارن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي، چيو ته شهيد ٽريفڪ اهلڪارن جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون، خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر سپوٽن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ٽريفڪ اهلڪارن ثناالله ۽ اسرائيل شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو، شهيدن جي لازوال قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.