لاهور- 01 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي گادي واري شهر لاهور سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ اڱاري ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي  شدت 4.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز لاهور جي ڏکڻ اولهه جڏهن ته اوناهي 25 ڪلو ميٽر هئي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق قصور، اوڪاڙه، شيخوپوره، مريدڪي ۽ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي ته سڄي پنجاب جي انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي ۽ پراونشل ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز الرٽ آهن، زلزلي سبب نقصان جو اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي ڏئي سگهجي ٿي.