اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي حوالي سان نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي سمورن مقامي ۽ صوبائي عملدارن تي زور ڀريو آهي، ته اهي هاءِ الرٽ رهن جڏهن ته علائقائي ٻولين ۾ وارننگ جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڊزاسٽر رسپانس ميڪنزم کي پڻ فعال ڪن، خطري وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهنمائي ڪن. جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اچ وڃ کان پاسو ڪرڻ ۽ هنگامي ضرورتن جي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي جي ايم ٽيڪنيڪل سيد محمد طيب شاهه چيو آهي، ته اين ڊي ايم اي پنهنجي جاڻ مهم کي تيز ڪري رهيو آهي ۽ صوبائي عملدارن سان ويجها رابطا قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن امڪاني آفتن لاءِ فوري طور تي قدم کڻي سگهجن. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنيل قدمن جو مقصد ڪميونٽي کي تيار ڪرڻ، مواصلات کي بهتر بڻائڻ ۽ وقت تي اثرائتي ڪارروائي ذريعي هنگامي حالتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي ڪمزور علائقن ۾ خبردار رهندي هنگامي رد عمل جي قدمن کي فعال ڪيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سمورن صوبائي ۽ مقامي ڊزاسٽر ريسپانس ٽيمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي امڪاني هنگامي صورتحال جي امڪانن کي روڪڻ لاءِ احتياطي اپائن تي عملدرآمد ڪن. ان سلسلي ۾ سمورن صوبائي ادارن کي پڻ اين ڊي ايم اي سان ڳنڍيو ويو آهي.