اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري فورس (اي اين ايف) پاران تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 4 ڪارروائين ۾ 3 جوابدار گرفتار هڪ ڪروڙ 19 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 27.430 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان جاري بيان موجب تعليمي ادارن جي آسپاس اسمگلنگ ڪندڙن خلاف هڪ ڪارروائي اسمنگلي روڊ ڪوئٽا ويجهو ڪئي وئي جنهن ۾ 2 جوابدارن جي قبضي مان 500 گرام چرس، 276 گرام وزني نشي واريون گوريون (ايڪسٽيسي) ۽ 200 گرام ويڊ هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي جوابدارن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ٻين ڪارروائين دوران چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ڪوريئر آفيس ۾ برطانيه کان سيالڪوٽ موڪليل پارسل امن 34 گرام ويڊ هٿ ڪئي وئي. راوي ٽول پلازه ويجهو جوابدار جي قبضي مان 4 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. جڏهن ته چاغي جي علائقي دالبندين ۾ اسمگلنگ لاءِ لڪايل 22.420 ڪلو آئرس هٿ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.