اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل جي منظوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان ۾ موجود رهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ سان مشاورت پڻ ڪئي. مختلف پارٽين جا ميمبر پڻ وزيراعظم سان ملندا رهيا ۽ ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا. فاٽا مان ميمبر مبارڪ زيب پڻ ساڻس ملاقات ڪئي.