اسلام آباد-26 جون (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي جي 77 سالن جي تاريخ ۾ آمدني ۾ پهريون ڀيرو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، 110 ارب روپين جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين، پاڪستان ريلوي لاءِ سنهري دور شروع ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحين جي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان معاهدي کانپوءِ ريلوي جي آمدني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. 348 اسٽيشنون الائيڊ بئنڪ حوالي ڪيون وينديون، 60 ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 19 جولاءِ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جديد بزنس اپ لفٽيڊ ٽرين جو افتتاح ڪندو، جيڪا لاهو رکان ڪراچي لاءِ هلائي ويندي، اسان ان کي ريسورسز سان گڏوگڏ ريلوي لاءِ هڪ نفعي بخش ادارو بڻائينداسين.