اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ايراني قوم وڏي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي، ان جنگ جا اثر خطي تي ئي نه پر پوري دنيا تي پون ها، ايران يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ۽ عوام جي جيڪا تعريف ڪئي آهي ان جو مثال نٿو ملي، بجيٽ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو تعاون ساراهه جوڳو آهي، بجيٽ منظوري کانپوءِ نئين مالي سال ۾ معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائينداسين، محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، انشاءَ الله اها جنگ اسان کٽينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج فتنه الخوارج تي ڪاري ضرب هڻي رهي آهي، دشمن جي خلاف جنگ جاري آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، انشاءَ الله اها جنگ اسان کٽينداسين. وزيراعظم چيو ته بجيٽ جي تياري جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي وئي جنهن تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس پوري اقتصادي ٽيم جا ٿورا ادا ڪريان ٿو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي پڻ ان ۾ ڀرپور مدد رهي، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين جا به ٿورائتا آهيون جن خوش اسلوبي سان سمورن معاملن کي اڳتي وڌايو ۽ انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، هن ڀيري ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ اطمينان جوڳو آهي، صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو پڻ ٿورائتو آهيان، هاڻي هن بجيٽ کي ايوان مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پڻ محنت سان ڪم ڪن، بجيٽ منظوري کانپوءِ نئين مالي سال ۾ معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ايرا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي خوش آئنده آهي، ايران پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت، سياسي پارٽين ۽ عوام پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار تي کلي دل سان ٿورا ادا ڪيا آهن جنهن جو موجوده دور ۾ ڪو مثال نٿو ملي، صدر آصف علي زرداري، منهنجا ۽ فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير، سياسي اڳواڻن ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جي مانجهاندي تي ملاقات ٿي، صدر ٽرمپ وڏي کلي انداز ۾ فيلڊ مارشل جو نالو وٺي چيو ته هو کانئس تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، استنبول ۾ فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان پڻ ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ٿي، پاڪستان ڀرپور ۽ مستقل انداز ۾ ايران جي حمايت ڪئي، ايران اسرائيلي حملي کانپوءِ پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي ڪئي، الله جو شڪر آهي ته جنگبندي ٿي وئي آهي نه ته ان سان تمام گهڻو نقصان ٿي سگهيو پئي ۽ ان جا اثر خطي تي ئي نه پر پوري دنيا تي پون ها، ايراني قوم وڏي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ هنن ڪو دٻاءُ قبول نه ڪيو، جهُڪيا نه ۽ چيو ته باوقار طريقي سان جنگبندي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاران قطر تي حملي جي خلاف پڻ ڀرپور مذمتي بيان جاري ڪيو ويو، قطر اسان جو ڀائر ملڪ آهي، سعودي عرب جي ولي عهد سان منهنجي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن جنگ کي روڪرائڻ ۾ ان وڏو ڪردار ادا ڪيو، اسرائيل جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته سعودي عرب پاران ڀرپور مذمتي بيان جاري ڪيو ويو، سعودي ولي عهد جي ايران جي صدر سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته محرم الحرام جو مهينو شروع ٿي رهيو آهي، اهو مقدس مهينو آهي، وفاق ۽ چئني صوبن کي امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻيون پونديون، مجلسن ۽ جلوسن جي حفاظت، امن، ڀائيچاري ۽ اخوت جو اڳ وانگر مظاهرو ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان سميت پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا قدم کنيا وڃن.