اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ماحولياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شذره منصب ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير شذره منصب وزيراعظم کي ايندڙ سال جي لاءِ عوامي امنگن جي ترجمان ڪندڙ بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ايندڙ چوماسي جي برساتن جي ڏس ۾ قومي سطح تي حفاظتي تدبيرن ۽ انتظامن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.