اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منشيات جي پهچ جي نيٽ ورڪس کي ٽوڙڻ ۽ ان مسئلي جي خاتمي جي لاءِ جامع ۽ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ، منشيات جو استعمال ۽ ان جي پهچ هڪ عالمي چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ گڏيل عالمي تعاون جي ضرورت آهي، پاڪستان ان لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم قدم کڻي رهيو آهي ۽ سمورن عالمي ۽ گهڻ ملڪي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري منشيات جي غلط استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان منشيات جي غلط استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائي رها آهيون ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي معاشري مان منشيات جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع ”زنجير کي ٽوڙڻ: سڀني جي لاءِ بچاءُ ۽ بحالي“ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته منشيات جي پهچ جي نيٽ ورڪس کي ٽوڙڻ ۽ ان مسئلي جي خاتمي لاءِ جامع ۽ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته منشيات جو استعمال ۽ ان جي پهچ هڪ عالمي چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ گڏيل عالمي تعاون جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ان لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم قدم کڻي رهيو آهي ۽ سمورين عالمي ۽ گهڻ ملڪي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته منشيات ۽ غيرقانوني نشي آور شيون نه رڳو عاومي صحت جي لاءِ سنگين خطرو آهن پر اسان جي نوجوان نسل جي مستقبل کي پڻ داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت منشيات جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، گهرو وزارت ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت تحت ڪم ڪندڙ منشيات جي خاتمي واري فورس (اي اين ايف) ان سلسلي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي معاشري خاص طور تي نوجوانن ۾ منشيات جي نقصانن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هڪ محفوظ ۽ صحتمند معاشرو قائم ڪري سگهون. صدر وڌيڪ چيو ته هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي تحت بچاءُ، تعليم، علاج ۽ موثر قانون لاڳو ڪرڻ جهڙن قدمن جي ذريعي اسان منشيات کان پاڪ پاڪستان طرف وڌي رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته بچاءُ جي شروعات گهر، اسڪول ۽ ڪميونٽي کان ٿئي ٿي، منشيات جي شڪار ماڻهن جي لاءِ ٻيهر بحالي جي سهولتن تائين پهچ پڻ ايتري ئي ضروري آهي. هن چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن جي وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن ڏينهن جي موقعي تي آئون انهن بهادر سپاهين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن ان مقدس مشن ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن جي قرباني پاڪستان جي ان عزم جي علامت آهي ته اسان منشيات جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. هن سمورن شهرين کي اپيل ڪئي ته منشيات جي خاتمي جي لاءِ قومي ڪوششن جو حصو بڻجن ۽ هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪن. هن ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته اسان پنهنجي ادارن ۽ بحالي جي مرڪزن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين ۽ تعليم ۽ آگاهي ۾ سيڙپڪاري جاري رکنداسين. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو اسان سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسل کي منشيات جي اثرن کان محفوظ مستقبل ڏيون ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر ماڻهو نشي کان پاڪ زندگي گذاري سگهي.