اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اسرائيل دهشتگرد آهي، اسان ان کي رياست تسليم نٿا ڪريون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايران تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان قرارداد تي بحث دوران صاحبزاده حامد رضا چيو ته اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست آهي ته ان تي اسپيڪر چيو ته اسان اسرائيل کي رياست تسليم نٿا ڪريون، اسان ان کي دهشتگرد سمجهون ٿا.