اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد ايوب سان پاڪستان ۾ سوئيڊن جي سفير ايلڪس برگ وون ملاقات ڪئي ۽ کيس اسلام آباد ۾ سوئيڊن جي سفارتخاني پاران هڪ يادگاري شيلڊ ۽ ڪتاب ”حصيداري جا 75 سال – سوئيڊن ۽ پاڪستان“ پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ڪتاب ۾ اهم سنگ ميل، تاريخي دورن ۽ عوام سان عوام جي رابطن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن گذريل ساڍا 7 ڏهاڪن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي. اهو پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ سوئيڊش ڪمپنين، اين جي اوز ۽ ماڻهن جي اڻٿڪ تعاون کي پڻ اجاگر ڪري ٿو.