اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته 7 هزار ٽيرف لائينز مان 4 هزار تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيرف سڌارن تي خاص ڏيان ڏنو ويو آهي جنهن جي وڏي اهميت آهي، ان جو پهرين مقصد پروٽيڪٽيڊ رجيم کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ڪيش ۽ انساني وسيلن ۾ بهتري اچي ان سان روانگي واپار جي شعبي کي به فائدو پهچندو، حڪومت سمجهي ٿي ته ڍانچيوار بنياد تي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ معيشت جي بنيادي ڊي اين اي کي تبديل ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته 7 هزار ٽيرف لائينز مان 4 هزار تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، 2700 ۾ ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ان طرح 2 هزار اهڙا ٽيرف لائن آهن جنهن جو تعلق خام مال سان آهي ۽ ان سان روانگي واپار جي صنعت کي يقيني طور تي فائدو پهچندو. هن چيو ته ٽيرف سڌارن جو اهو سلسلو جاري رهندو ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته مجموعي طور تي ٽيرف رجيم ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي آندي ويندي.