اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ مسلسل قدم جاري آهن جنهن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته جاري مالي سال ۾ خرچن جي رجحان کي ڏٺو وڃي ته حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي، جتي ضرورت هئي اتي خرچ ڪيا ويا، ان سبب جاري مالي سال ۾ خرچن ۾ صرف 1.9 سيڪڙو جو معمولي اضافو ٿيو، مالي سال 2022ع ۾ خرچن ۾ 15.9 سيڪڙو مالي سال 23ع ۾ 23.6 سيڪڙو ۽ 24ع ۾ 12.2 سيڪڙو واڌ ٿي هئي. ناڻي واري سيڪريٽري ٻُڌايو ته پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان زخاني تي 28 کان 30 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.