اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، گه پگهاردار طبقي کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، پگهارن ۾ اضافي سان خزاني تي 28 کان 30 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. گذريل ڏينهن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ڪوشش هئي ته پگهار طبقي کي جيترو رليف ڏئي سگهجي اهو ڏنو وڃي، پر ان ۾ اسان پنهنجي مالي گنجائش مطابق وڃي سگهون. اهڙي طرح وچولي درجي جي ڪارپوريٽ شعبي لاءِ سپر ٽيڪس ۾ 0.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ ٽيڪس گهٽ ناهي ٿيو پر ڪوشش ڪئي آهي ته ٽرانزيڪشن جي لاڳت ۽ خرچن ۾ گهٽتائي آندي وڃي. 5 مرله گهر ٺاهيندڙن کي مارگيج فنانسنگ ۾ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳيان وڌندو. هن جو چوڻ هو ته پگهارن ۽ پينشن جي حوالي سان بئنچ مارڪ هئڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح سان واڌ ٿيندي آهي، حڪومت ٽيڪسن ۾ وڌيڪ اضافو ناهي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2022ع ۾ خرچن ۾ 15.9 سيڪڙو، مالي سال 2023ع ۾ 23.6 سيڪڙو ۽ 2024ع ۾ 12.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن جو چوڻ هو ته ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان خزاني تي 28 کان 30 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.