اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ق) جي قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري حسين الاهي، محمد الياس چوڌري ۽ فرخ خان تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبرن مالي سال 26 – 2025ع جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد ملڪ جي معاشي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ وزيراعظم جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وفد ڳالهائيندي چيو ته ملڪي عسڪري ۽ سياسي قيادت عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، وفد ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستاني عوام جي مثالي قيادت ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪي وقار کي نئين بلندين تائين پهچائڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.