اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) حج جو فرض ادا ڪرڻ کان پوءِ حاجي سڳورن جي وطن واپسي جو سلسو شروع ٿي ويو آهي. قومي ايئر لائين جي پهرين اڏام 307 حاجين کي کڻي وطن واپس پهچي وئي، هوائي اڏي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن حاجين جي آجيان ڪئي. حج اڏام اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات 3 لڳي 12 منٽن تي اسلام آباد پهتي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته حج دوران پاڪستان جي حڪومت حاجين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون. سعودي حڪومت پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي حاجين کي بهترين سهولتون مهيا ڪيون. هن چيو ته حڪومت ايندڙ سال پڻ ان کان وڌيڪ بهتر انتظام ڪندي، ڇاڪاڻ ته ان اهم مذهبي فرض جي ادائگي لاءِ زائرين کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. حاجين جي آجيان لاءِ ايئرپورٽ تي موجود مئنيجر آفتاب گيلاني ٻڌايو ته پوسٽ حج آپريشن 10 جولاءِ تائين جاري رهندو. حاجي سڳورن کي مدينه منوره کان وطن واپسي جون اڏامون هڪ هفتي کان پوءِ شروع ٿينديون. هن چيو ته پوسٽ حج آپريشن لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اميد آهي ته حاجين کي وطن واپسي تي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.