اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سينيئر اينڪر فريحه ادريس جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويا ۽ گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والده جو لاڏاڻو فريحه ادريس جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، مرحومه جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ڀرجي سگهبو، سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.