اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽيرف سڌارن جو خاڪو قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025ع جو وفاقي بجيش ڪندي چيو ته حڪومت سازگار ماحول پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري جي حوصله افزائي ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم جي هدايت موجب چئن سالن ۾ اضافي ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي، پنجن سالن ۾ ريگيوليٽري ڊيوٽيز جي خاتمي، ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي پنجين شيڊول جو پنجن سالن ۾ خاتمي، ڪل 4 ڪسٽمز ڊيوٽي سليوز ۽ وڌ کان وڌ ڪسٽم ڊيوٽي جي حد 15 سيڪڙو تائين آڻڻ جي ٽيرف سڌارن کي قومي ٽيرف پاليسي 30-2025ع جو حصو بنايو پيو وڃي جنهن کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ موجب انهن سڌارن کي ڪاميابيءَ سان لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو سراسري ٽيرف خطي ۾ وڌيڪ گهٽ ٿي ويندو.