اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايف سي، پنهنجي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان کي ايندڙ 10 سالن ۾ 40 ارب ڊالرن جا وسيلا مهيا ڪندا. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن جي روڪٿام حڪومت جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ حڪومت گذريل 16 مهينن ۾ ڪلائميٽ فنانس تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ نمايان ڪاميابيون به حاصل ٿيون آهن. ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايف سي، پنهنجي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان کي ايندڙ 10 سالن ۾ 40 ارب ڊالرن جا وسيلا مهيا ڪندا. ناڻي واري وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ هن فريم ورڪ جي اهم ترجيح آهي. اهڙي طرح سال جي اڻٿڪ محنت کانپوءِ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.4 ارب ڊالر جي Resilience and Sustainability Facility فراهم ڪئي آهي.پاڪستان حڪومت پهرين گرين سڪوڪ به جاري ڪيو آهي، جنهن ذريعي ماحولياتي تبديلي بابت منصوبن لاءِ مقامي مارڪيٽ مان وسيلن جي فراهمي ممڪن ٿي آهي. انهن وسيلن جي دستيابي پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان محفوظ بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.