اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزارت جي مختلف مرضن جي علاج (آءِ ڊي ايس آر ايس) منصوبي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 4544 ملين رپيا آهي جڏهن ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 1093.330 ملين رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ جو ڪاٿو آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 2000 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.