اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال دوران صوبن ۽ اسپيشل ايرياز جي ترقياتي منصوبن لاءِ 253230 ملين رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 1590 ملين روپيا، پاڪ پي ڊبليو ڊي جي جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 7641 ملين روپيا، سنڌ …
پي ايس ڊي پي تحٽ صوبن ۽ اسپيشل ايرياز جي ترقياتي منصوبن لاءِ 253230 ملين رپيا رکيا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال دوران صوبن ۽ اسپيشل ايرياز جي ترقياتي منصوبن لاءِ 253230 ملين رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 1590 ملين روپيا، پاڪ پي ڊبليو ڊي جي جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 7641 ملين روپيا، سنڌ ۾ ترقياتي پروگرام ۽ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 66282 ملين روپيا، خيبر پختونخوا ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 545 ملين روپيا، پي ڊبليو ڊي تحت خيبر پختونخوا لا3 2063 ملين روپيا، بلوچستان ۾ جاري ترقياتي پروگرامن لاءِ 24492 ملين روپيا، بلوچستان ۾ پي ڊبليو ڊي تحت اسڪيمن لاءِ 4760 ملين روپيا، ضم ٿيل ضلعن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 65444 ملين روپيا، اسپيشل ايرياز ۾ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري اسڪيمن لاءِ 45000 ملين روپيا، گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 37000 ملين روپين سميت مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.











