اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي مختلف ترقياتي پروگرامن لاءِ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ م سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت 1676.074 ملين روپيا رکيا ويا آهن. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت لاءِ جاري 4 مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 352.074 ملين رپيا جڏهن ته چئن نون منصوبن لاءِ 1324 ملين رپيا رکيا ويا آهن. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت لاءِ 8 مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور 1676.074 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.