اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع دوران ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري ڊويزن جي هڪ جاري ۽ نئين منصوبي لاءِ 1800 ملين روپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب هڪ جاري منصوبي پناهگيرن جي انتظامي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 1750 ملين روپيا ۽ هڪ نئين منصوبي هوسٽنگ ڪميونٽي سپورٽ پروگرام لاءِ 50 ملين روپيا رکيا ويا آهن.