اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ اجلاس جي شروعات کان اڳ ئي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿي ويو. هن ان دوران رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، وفاقي وزير راڻا تنوير سان صلاح مشورا ڪيا. جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان پڻ مليو.