اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزارت جي اسلام آباد ۾ جناح اسپتال جي قيام لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي 26-2025ع لاءِ 200 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 9913.730 ملين رپيا آهي ۽ اميد آهي ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 9100 ملين روپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 200 ملين روپين جا ترقياتي فنڊ رکيا ويا آهن.