اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزارت جي اسلام آباد ۾ ٻار ۽ ماءُ جي صحت واري مرڪز جي قيام لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال لاءِ 62.680 ملين رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. گذريل ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز مطابق منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 460.313 ملين رپيا آهي ۽ اميد آهي ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 397.630 ملين روپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 62.680 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.